اداڪارا ثنا جاويد جو ساٿي آرٽسٽس خلاف ڪيس خارج

اداڪارا ثنا جاويد جو ساٿي آرٽسٽس خلاف ڪيس خارج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) ماڊل ۽ اداڪارا ثنا جاويد پاران مختلف شوبز شخصيتن خلاف داخل ڪيل هراساني جو ڪيس بند ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سنڌ جي سربراهه عمران رياض پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهڙو اعلان ڪيو. سندس چوڻ آهي ته اداڪارا پاران منظم سازش جو الزام ثابت ناهي ٿيو ان ڪري ڪيس بند ڪيو ويو آهي. اداڪارا فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سان مارچ ۾ رابطو ڪيو هو جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي ماڊلز، ميڪ اپ آرٽسٽن، اسٽائلسٽن ۽ نون اداڪارائن پاران مٿس ڪم تي بدتميزي ڪرڻ ۽ ٻين کي گهٽ سمجهڻ جا سنگين الزام لڳايا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو