ادارن خلاف نه امپورٽڊ حڪومت خلاف جنگ وڙهي رهيو آهيان: عمران خان

ادارن خلاف نه امپورٽڊ حڪومت خلاف جنگ وڙهي رهيو آهيان: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجو هڪ ئي مقصد امپورٽڊ حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ آهي، ملڪ جي ادارن خلاف جنگ نه پيو وڙهان. اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪمرانو! ٻڌي ڇڏيو اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، ڪڏهن منهنجي ذهن ۾ ناهي آيو ته مان ته پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهان، نواز شريف جا پٽ چون ٿا اسان پاڪستاني شهري ناهيون، آصف زرداري صدر هوندي آمريڪا کي چيو مون کي بچايو.هن چيو ته پاڪستان جي مير جعفر ۽ مير صادق سازش ڪري چونڊيل حڪومت کي هٽايو، شريف خاندان جو سڄو پئسو ٻاهر پيو آهي، جيئن ئي انهن جي حڪومت ختم ٿيندي آهي ته نواز شريف ٻاهر هليو ويندو آهي، آصف زرداري به گهڻو عرصو ٻاهر رهيو آهي، انهن جون ملڪيتون به ٻاهر آهن، ملڪ هيٺ وڃڻ سان انهن کي ڪو فرق ناهي پوندو، نواز شريف جڏهن ڀارت ويو ته هن ڪشمير مسئلي تي نه ڳالهايو متان مودي ڪاوڙجي وڃي.سندس چوڻ هو ته مان جيڪڏهن ان ڏينهن ڌرڻو هڻان ها ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿئي ها، جنهن جو فائدو انهن کي ٿئي ها، پوليس ڇاپا نه هڻي ها، شيلنگ نه ڪري ها ته عوام جو سمنڊ هيئن ئي اچڻو هو، قوم جو ادارن کي پيغام آهي، اڃا به وقت آهي انهن چورن کان ملڪ کي بچايو. عمران خان چيو ته اڄ اسان جا ليڊر چون ٿا ته پينو آهيون تنهن ڪري آمريڪا جي غلامي ڪري رهيا آهيون، اسان وينٽي ليٽر تي آهيون تڏهن آمريڪا جي غلامي ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ پينو انهن ٻن خاندانن بڻايو، جن 30 سال حڪومت ڪئي، وزيراعظم ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگيندو آ ته سڄي قوم کي ذليل ڪندو آ، مان چاهيان ٿو ته منهنجي قوم پنهنجي پيرن تي بيهي ۽ ڪنهن ملڪ اڳيان هٿ نه ٽنگي.

پهنجو تبصرو موڪليو