جوهي(ن سنڌيار) سول سوسائٽي ۽ متاثر ڳوٺاڻن پاران احساس ڪفالت پروگرام ۾ مبينا غيرقانوني ڪٽوتي خلاف جوهي دادو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احساس ڪفالت پروگرام جي قسطن ۾ ريٽيلرز پاران مبينا غيرقانوني پنج سو کان هزار رپا غير قانوني ڪٽوتي ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي اڳواڻن,ايوب لغاري, خليل عارف سومرو, ذوالفقار رستماڻي, جبار لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوهي دادو روڊ تي هٿن ۾ بينر کڻي ريٽلرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته جوهي, واهي پانڌي سميت مختلف احساس ڪفالت سينٽرز تي مستحق عورتن جي احساس ڪفالت پروگرام جي قسطن مان پنج سو کان هزار به غير قانوني ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته ريٽلرز ۽ ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ دادو جي آفيسرن ملي ڀڳت سان غير قانوني ڪٽوتي جو سلسلو روڪي نه سگهيو هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, چيئرمين احساس ڪفات پروگرام ثانيه نشتر سميت اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته غير قانوني ڪٽوتي ڪندڙ ريٽلرز خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مستحقين عورتن کي انصاف فرام کنيو وڃي










