لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جنهن بعد جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ مسلم ليگي اڳوا کي آزاد ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪيترائي ڪارڪن اپتال پهچي ويا ۽ سندس حق ۾ نعرا هنيا. خواجا آصف جي گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ڪروڙ جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي هئي. جنهن بابت آگاهي ڏيڻ تي لاهور جي احتساب عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته خواجا آصف کي نيب 29 ڊسمبر 2020 تي گرفتار ڪيو هو. پيپلزپارٽي جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ٻن سالن کان جيل ۾ آهي، نيب اڃا مڪمل ريفرنس ئي داخل نه ڪيو آهي. سندس پٽ فرخ شاهه کي به تازو گرفتار ڪيو ويو هو.










