ڪاشف نوراني
سنڌي ادبي سنگت سنڌي اديبن جي هڪ اهم اثرائتي تنظيم آهي، جنهن نہ صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ لاءِ عملي جدوجهد پڻ ڪئي آهي. ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جي لحاظ کان ڪابہ تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ سان برابري ڪري نہ سگھي آهي.
ھزارين ميمبرن تي مشتمل اڄ جي سنڌي ادبي سنگت احمد سولنگي ۽ پريل دايو وٽ يرغمال بڻيل آھي. جيڪي ناڪام تجربا ڪرڻ ۾ ھر وقت مصروف عمل آھن.
سنڌي ادبي سنگت ڪنهن دور ۾ سنڌ جي شعور جو مورچو هئي ۽ هر ان ڪاهه جي اڳيان سنڌ جا اديب سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان شيهي جي ديوار بڻجي ويندا هئا جيڪا ڪاهه سنڌ جي بنيادن، سنڌ جي سرحدن، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ جي خلاف ڪئي وئي، هر دور ۾ سنڌ جي اديبن پاڻ ملهايو ۽ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون ۽ انهن اديبن ۾ شعور سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين وسيلي آيو جنهن ۾ سينئر اديب جونئير اديبن جي بغير لالچ ۽ لوڀ جي سکيا ڪندا هئا. سنڌ ۾ هن وقت صرف ادبي سنگت نه پر پورو ادب ئي تباهي جي ڪنڌي تي پهچي ويو آهي ۽ جڏهن ادب ۾ به چاپلوسي ۽ دڙا بندي جي صورت ۾ واهه واهه ڪئي وڃي ته پوءِ ان جا اثر يقينن ادارن تي به پون ٿا ۽ ان جو واضح مثال ادبي سنگت جي تباهي آهي جتي پڻ ڌڙا بندي جي شڪل ۾ واهه واهه جي ڪار لڳي پئي آهي.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ سرد جنگ 80 جي ڏهاڪي کان شروع ٿي، جنهن دور ۾ هڪ گروپ سنگت سنڌ کي سن ڏانهن گهلڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٻئي گروپ وري سنگت سنڌ کي جنگشاهيءَ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي اندروني تضاد آهستي آهستي وڌندا ۽ ويجھندا رهيا. اهو انهن ئي تضادن جو ئي سلسلو آهي جو اڄ جي سنڌي ادبي سنگت ٻن واضع ڌڙن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.
افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته سنڌي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جو غير متنازع پليٽ فارم سنڌي ادبي سنگت انهن ئي ماڻهن جي انائن جي ور چڙهي وئي آهي. جيڪي پاڻ کي سنڌي ادبي سنگت جا خير خواه سڏائيندي ايترا ته جذباتي ٿي ويندا هئا جو پنهنجو عمل ايئن محسسوس ڪرائيندا هئا ڄڻ اهي سنڌ ۽ سنڌي ادب تي احسان ڪندا هجن. بدقسمتي ته اها آهي جو سول سوسائٽي جا اهي باشعور فرد جن وٽ سنڌي ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي ۽ سنڌ ڪائونسل جهڙا ادارا هوندي سوندي به جڏهن پنهنجين انائن جي گپ ۾ ڪرندا آهن جو هر خراب عمل جيڪو کين زيب به نه ڏيندو هجي، اهو به ڪرڻ لا۽ تيار ٿي ويندا آهن ۽ اهڙا به ڪڌا عمل ڪرائيندا ۽ ڪندا جوسندن وجود ڪنهن ميلي ۾ موت جي کوه جي ٻاهران ڪرتب ڏيکاريندڙ شوقيه مورت فقيرن جيان لڳندو آهي.
سنڌي ادبي سنگت جي تباهي جا ذميدار ڪير به هجن پر هاڻي انهن تي ويهي سوچڻ بدران سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ ۽ ان کي ان مقام تي پهچائڻ جي ضرورت آهي جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو مقصد آهي ۽ اسان کي ڄنڊا پٽ ۽ هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بدران پنهنجين ذميدارين جو احساس ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان الزام بازي جاري رکي ته پوءِ ٻنهي ڌڙن مان اهڙو ڪو به نه آهي جنهن کي سنڌي ادبي سنگت جي تباهي جي ذميداري کان آجو قرار ڏئي سگهجي ڇو ته سنڌي ادبي سنگت جا عهديدار جيڪڏهن رهيا آهن ته اهي ٻه گروپ رهيا آهن انهن کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت کي قبرستان ۾ پهچائڻ وارو ٻيو ڪو به نه آهي.
سنڌي ادبي سنگت ڪنهن وقت ۾ حڪمرانن جي لاءِ ڇرڪائيندڙ خواب هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون پڻ ائين مانيٽر ٿينديون هيون جيئن عام چونڊن جي مانيٽرنگ ٿئي ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ به ڪنهن اسيمبلي جي چونڊ کان گهٽ نه هوندي هئي. چونڊ شيڊول پڌرو ٿيندي ئي سرگرميون ايتريون ته وڌي وينديون هيون جو وستي وستي واهڻ واهڻ اديب گهمندي نظر ايندا هئا ۽ پنهنجي پينلن يا پنهنجي اميدوارن جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جون چونڊون ان حوالي سان به مشڪل هونديون هيون جو ڪنهن شعور کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۽ پنهنجو حمايتي بڻائڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو ڇو ته اديبن جي حمايت حاصل ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي.
مونکي افسوس سان گڏوگڏ حيرت تڏهن ٿي جڏهن جرگا ڪلچر جي سخت مخالفت ڪندڙ انهن مبينه باشعوراديبن، دانشورن ۽ شاعرن خود ان ڪلچر جو حصو بڻجي ويا ۽ سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجن فورفادرس جي ملڪيت سمجهي اهڙو ته عمل دهرايو اٿن جو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ ڪارنهن جي ٽڪي جي مثال آهي.










