لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ قرآن پاڪ جي ترجمي ۾ تحريف ۽ قرآن بورڊ جي اجازت کانسواءِ قرآن پاڪ جي ڇپائي خلاف درخواست تي وفاق ۽ پنجاب کان عملي قدمن لاءِ لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ وفاق ۽ پنجاب حڪومت کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو ۽ قرار ڏنو ته جواب کي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويندو.ان کان علاوه وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم ان معاملي تي عملدرآمد لاءِ ڪابينا ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










