اتر ڪوريا ايٽمي حملا ڪرڻ وارو قانون به منظور ڪري ورتو

اتر ڪوريا ايٽمي حملا ڪرڻ وارو قانون به منظور ڪري ورتو

سيول (ويب ڊيسڪ)اتر ڪوريا ملڪ جي سلامتي جي لاءِ فوري ۽ پاڻمرادو ايٽمي حملا ڪرڻ جو قانون منظور ڪري ورتو آهي.سرڪاري خابرو اداري موجب ڪم جونگ اُن جو چوڻ آهي ته نئين قانونن سان جوهري هٿيار رکندڙ رياست جي حيثيت ناقابل واپسي ٿي وئي آهي.واضح رهي ته عالمي سطح تي سخت پابندين جي باوجود اتر ڪوريا ٻه هزار ڇهه کان ٻه هزار سترهن جي وچ ۾ ڇهه جوهري تجربا ڪيا آهن.اتر ڪوريا گڏيل قومجي سلامتي واري ڪائونسل جي قراردادن جون ڀڃڪڙيون ڪندي پنهنجي فوجي صلاحيتن کي اڳتي وڌائڻ جاري رکيو.ڪم جونگ اُن ٻه هزار اڻويهه ۾ ان وقت جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ بنا نتجين واري ملاقاتن کانپوءِ وڏي مفاصلي تي مار ڪندڙ جوهري ميزائلن جا تجربا به ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو