اتر سنڌ ۾ ارڙي جي مرض ۾ هڪ وڌيڪ ٻار فوت

ٺل(ن سنڌيار) شهر جي نور محمد ڀٽي محلي جو رهواسي ٻن ورهين جو غلام رسول پٽ حسين بخش شيخ ارڙي وگهي فوت ٿي ويو،صحت کاتي پاران ارڙي جي وئڪسين لڳائڻ باوجود وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، وارثن جو چوڻ هو ته نور محمد ڀٽي محلي ۾ ڪيترائي ٻار ارڙي جهڙي مرض مبتلا آهن جنهن کي وئڪسين ڪرائي سندن جي زندگي بچائي وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد سميت اتر سنڌ جي مختلف علائقن مان ارڙي جا ڪيتائي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو