اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قبائلي ضلعي اُتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ دوران 2 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۾ موجودگي جي خفيا اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن پاڪ فوج جا 2 نوجوان سپاهي محمد شميم ۽ سپاهي اسد خان شهيد ٿي ويا. ان کان اڳ 5 ڊسمبر تي اتروزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 نوجوان شهيد ٿيا هئا. واضح رهي ته پاڪ فوج جتي ٻاهرن دشمنن سان ملڪ بچائڻ لاءِ سرحدن تي پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف ان جا ڪيترائي جوان ملڪ جي حفاظت ڪندي دهشتگردي جو شڪار ٿي شهيد ٿي چڪا آهن.










