ٺل (عبدالنبي شيخ) خانگي ڪلينڪ تي گئس وارڊ ۾ داخل ٿيل چار تازا ڄاول ٻار گئس نه ملڻ سبب فوت ٿي ويا. وارثن جو احتجاج ڊي سي جيڪب آباد مامري جو نوٽيس وٺندي سينٽر کي سيل ڪرائي ڇڏيو . ٺل جي جونگل موڙ تي واقع اسرار ميڊيڪل سينٽر جي آڪسيجن وارڊ ۾ داخل ٿيل چار معصوم ٻارڙا آڪسيجن نه ملڻ جي ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. واقعي بعد اسپتال جو عملو فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٻارڙن جي وارثن پاران اسپتال انتظاميه جي غفلت خلاف اسپتال اندر احتجاج ڪندي چيو ته آڪسيجن گئس ختم ٿيڻ جي ڪري اسان جا ٻار فوت ٿيا آهن اهڙي واقعي جون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ تي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد غضنفر علي قادري اسپتال ۾ ٻار فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي مختيارڪار ٺل کي اسپتال کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو . جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي مختيارڪار ٺل پوليس ساڻ ڪري خانگي ميڊيڪل سينٽر کي سيل ڪري ڇڏيو . ان حوالي سان ڊي سي جيڪب آباد مامري جي جانچ ٽيم اسسٽنٽ ڪمشنر ٺل سميع الله سنجراڻي جي سربراهي ۾ جوڙي ڇڏي آهي. اسپتال انتظاميه جي غفلت سبب واقعو پيش آيو آهي مامري جي جانچ لاء هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم کان به مدد ورتي ويندي. ياد رهي ته فوتي ٻارڙا ڳوٺ بگن بنگلاڻي جو رهواسي ميانداد بنگلاڻي جو پٽ، ڳوٺ پيارو کوسو جو رهواسي هادي بخش جمالي جو پٽ، ٺل جي ريلوي اسٽيشن جو رهواسي حاجي گل حسن جو پٽ فوتين ۾ شامل آهن جنهن جا لاش وارٽ ڳوٺ کڻائي ويا آهن.










