ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن ٽن تلوارن ويجهو ڌاڙي جي واردات دوران ڊاڪٽر آڪاش کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ گرفتار جوابدارن جي بينڪن کان ٻاهر رقم ڦرڻ ۽ واپارين کي لٽڻ جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.گرفتار جوابدارن کان ڪلفٽن ٽن تلوارن ويجهو 13 جولاءِ تي ڌاڙي دوران ڊاڪٽر آڪاش کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي بابت جاچ جاري آهي.جاچ ڪندڙ اختيارين موجب، واقعي ۾ ملوث گرفتار ٽنهي جوابدارن اسلم عرف بابا، رام چند ۽ انيل شروعاتي جاچ دوران ٻڌايو ته ڌاڙيل گينگ جو سرغنو اسلم عرف بابا ۽ ٻيا ڪارندا قائد آباد جا رهواسي آهن. جوابدارن ٻڌايو ته واردات ۾ اسلم بابا ۽ ٻين سميت هڪ ڇوڪري پڻ شامل هئي. جاچ دوران اهو انڪشاف ٿيو آهي ته اهي بينڪن کان ٻاهر رقم ڦرڻ ۽ واپارين کي لٽڻ جي واقعن ۾ ملوث آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ ڊي آئي جي سائوٿ اسد رضا ٻڌايو هو ته ڌاڙي دوران فائرنگ ڪري ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










