آٿيا ۽ راهول جي شادي جي سوال تي سنيل شيٽي جو حيران ڪن جواب

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽر ڪي ايل راهول ۽ اداڪارا آٿيا شيٽي جي شادي تي سينيئر اداڪار ۽ آٿيا شيٽي جي پيءُ سنيل شيٽي جي رد عمل سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.ڪي ايل راهول ۽ بالي ووڊ اداڪارا آٿيا شيٽي گذريل 3 سالن کان گڏ آهن ۽ ٻنهي جي شادي جون افواهون هر مهيني سامهون اينديون رهنديون آهن.ڪجهه عرصو اڳ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته جوڙو ايندڙ سال جنوري ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌندو، شادي جون تقريبون 21 کان 23 جنوري تائين ٿينديون، جڏهن ته شادي سنيل شيٽي جي بنگلي کنڊالا ۾ ٿيندي.پر هاڻ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن اداڪار سنيل شيٽي کان سندس ڌيءَ جي شادي بابت پڇيو ويو ته اداڪار حيران ڪندڙ جواب ڏنو.ميڊيا رپورٽن موجب سنيل شيٽي شادي جي خبرن جي ترديد ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته جڏهن توهان کي تصديق ٿيل تاريخون ملن ته مون کي ٻڌايو ته مان شادي ۾ شرڪت ڪري سگهان.

پهنجو تبصرو موڪليو