دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيشن ضلع دادو ضلعي صدر ۽ چيئرمين پريس ڪلب جي آڏو رٽائرڊ ملازمن سان يڪجهتي جواظهار ڪيو.آپڪا ضلع دادو جي صدر علي رضا ٻگهيون ۽ چيئرمين منيراحمد سيال ، وسيم احمد عباسي ، احمد علي ڏاهري، مسروراحمد هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ دادوپريس ڪلب پهچي رٽائرڊ ملازمن سان يڪجهتي جواظهار ڪندي سنڌجي وزيراعلي سيد مراد علي شاه ۽ خزاني جي سيڪريٽري کان گهر ڪئي آهي ته رٽائرڊ ملازمن کي ٻين صوبن جيان گروپ انشورنش ۽ ٻيون مراعاتون ملڻ گهرجن رٽائرڊ ملازمن ۾ احمد خان ٻاٽ ، غلام قادر هنڱورو ۽ فنڪارغلام نبي ڀنڊ پڻ موجود هئا انهن آپڪا جي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو۽ صوبائي وزيراطلاعات سنڌ سيد ناصر علي شاه ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ عمران عطا سومرو پرومومشن ڪاميٽي جي ميمبرن ڊائريڪٽر اطلاعات محمد يوسف ڪابورو سميت ۽ ٻين ڪاميٽي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو آهي جن مهربان آفيسرن اطلاعات کاتي جي 21 ملازمن جا پرومشن ڪيا آهن جن ۾ اسٽينو گرافر ، آفيس سپرڊينٽ ، سينئر ٽرنسلٽر شامل آهن آپڪا ضلع دادو جي اڳواڻن سندن ڪم کي ساراهيوآهي ۽ چيوآهي ته اطلاعات وارن سٺوڪم ڪيو آهي










