آپريشن بنيان المرصوص کان پوءِ اسان جو ملڪ اڀري آيو آهي

آپريشن بنيان المرصوص کان پوءِ اسان جو ملڪ اڀري آيو آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته آپريشن بنيان المرصوص کان پوءِ اسان جو ملڪ اڀري آيو آهي. ملڪ سفارتي سطح تي ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. ڳالهائيندي هن چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ تاريخي معاهدو ٿيو آهي، اهو هڪ سنگ ميل آهي.شيري رحمان چوي ٿي ته خطرا سڄي دنيا ۾ موجود آهن، هندستان جو جارحاڻو رويو هاڻي کليل نموني سامهون اچي چڪو آهي.هن چيو ته نفرت هاڻي هندستان لاءِ هڪ نظريو بڻجي چڪي آهي، اسرائيل ۽ هندستان اهڙا ملڪ آهن جن ان کي جنگل جو قانون بڻائي ڇڏيو آهي.پي پي پي جي سينيٽر چوي ٿي ته جڏهن پي ٽي آءِ ڪميٽي مان استعيفيٰ ڏني ته مون کي تمام گهڻو خراب لڳو، پي ٽي آءِ ۾ ڪيترائي ماڻهو تعميري ڪم ڪرڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو