ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويل سنڌ جي ليجنڊ اداڪارا شبيران چنا جو مڙهه بلال ڪالوني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو شبيران چنا جي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، منان عباسي، اسد قريشي، سهراب سومرو، علي گل ملاح ۽ ٻين فنڪارن توڙي شهرين شرڪت ڪئي شبيران چنا قاضي احمد ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، شبيران چنا جنهن به ڊرامي ۾ ڪم ڪيو ان کي يادگار بڻائي ڇڏيو خيران جي سر ڏي خير هجي سميت سندس ڪيترائي ڊائلاگ ماڻهن کي برزبان ياد ٿي ويا، اداڪاره شبيران چنا جي وڇوڙي تي ڪلا کيتر توڙي سندس مداحن ۾ سوڳ جي لهر پکڙيل آهي گذريل رات سنڌ جي ناليواري اداڪاراه شبيران چنه انتقال ڪري وئي هئي ،آپا شبيران ڪجهه ڏينهن پهريان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي جنهن کي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندس علاج هلندڙ هو،زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو،هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي آپا شبيران جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت فوتين جي زندگي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي،مرحوم جي فني خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو،سنڌ جي وڏي وزير مرحوم جي مغفرت ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري وزير وزير سيد سردار علي شاهه جي ناليواري ٽي وي اداڪاره شبيران چنا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته شبيران چنا جي ادا ڪيل ڪردارن پنھنجي ھڪ خاص سڃاڻپ ٺاھي،شبيران چنا جا پرستار ان جي فني خدمتن کي ھميشه ياد رکندا،ثقافت کاتي سنڌ حڪومت پاران مرحومه جي علاج لاءِ دستياب سمورا وسيلا ڪتب آندا ويا،ثقافت واري وزير پاران مرحومه جي درجات جي بلندي ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي










