اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري آمريڪا جي ڌمڪي واري خط تي باضابطا احتجاج ڪيو. ذريعن موجب پاڪستان آمريڪا جي قائم مقام ڊپٽي چيف آف مشن کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري اندروني معاملن ۾ مداخلت تي احتجاج ڪيو ۽ کيس احتجاجي خط به ڏنو.ذريعن موجب اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي لکيل خط ۾ آمريڪي عملدارن پاران استعمال ڪيل ٻولي تي سخت احتجاج ڪيو ويو آهي ۽ آمريڪي سفارتڪار کي چيو ويو ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ناقابل قبول آهي. پرڏيهي آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفارتڪار کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي روشني ۾ طلب ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي اهلڪار پاران استعمال ڪيل ٻولي کي غير سفارتي قرار ڏنو هو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيو هو، جنهن ۾ ملڪ جي ٽاپ سويلين ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي هئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي سفارتڪار پاران استعمال ڪيل ٻولي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي خط و ڪتابت پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ کليل مداخلت جي برابر آهي، جيڪا قابل قبول ناهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان قوم کي لائيو خطاب ڪيو، جنهن دوران پرڏيهي پاليسي تي ڳالهائيندي هن خط لکندڙ ملڪ جو نالو کڻندي چيو ته آمريڪا کي ڪو حق ناهي پر پوءِ غلطي جو احساس ٿيڻ تي هن چيو ته آمريڪا نه، پر ٻاهرين ملڪ جو مطلب ڪنهن ٻئي ملڪ مان آهي. جنهن ملڪ مان خط موڪليو ويو ان جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن وقت 8 مارچ تي يا ان کان اڳ 7 مارچ تي اسان کي آمريڪا (ٻاهرين ملڪ جو نالو) کان پيغام ملي ٿو. مطلب ته ڪنهن ٻئي ملڪ مان).










