واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪينيڊا کي ٻيلن جي باهه کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کي ٽيليفون ڪيو آهي. وائيٽ هائوس موجب صدر جو بائيڊن ڪينيڊا جي وزيراعظم کي آفر ڪئي آهي ته هو جنگل ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڪن.










