آمريڪي رياست ۾ اسڪول ويجهو فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست ورجينيا ۾ هاءِ اسڪول ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا موجب حملي آور هاءِ اسڪول ۾ گريجوئيشن تقريب کان پوءِ فوري طور تي فائرنگ ڪئي.رپورٽن مطابق فرار ٿي ويل 19 ورهين جي جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب، پوليس جو خيال آهي ته جوابدار مارجي ويل ماڻهن مان هڪ کي سڃاڻندو هو، ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو آواز ٻڌڻ بعد علائقي ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو