آمريڪا ۾ مڇرن جي نسل ڪشي جي نئين رٿا شروع

آمريڪا ۾ مڇرن جي نسل ڪشي جي نئين رٿا شروع

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي رياست فلوريڊا جي مقامي اختيارين بايوٽيڪ ڪمپني آڪسيٽيڪ لاءِ هڪ رٿا جي منظوري ڏني آهي. جنهن موجب اها ڪمپني جينياتي تبديلين يعني جينيٽيڪلي موڊيفائيڊ 75 ڪروڙ مڇر ٻن سالن ۾ ڇڏيندي. انهن مڇرن جي خاصيت اها آهي ته جڏهن مڇر  جو ٻچو پيدا ٿيندو ته ان جا مادي ٻچا مري ويندا ۽ اهڙي طرح ماحول ۾ موجود مادي مڇرن جي مرڻ بعد نيون مادي مڇر پيدا نه ٿينديون ۽ مڇرن جو نسل ختم ٿي ويندو ۽ مليريا، زڪا وائرس ۽ ڊينگي تي مڪمل ڪنٽرول ٿي ويندو . ماحول دوست حقن جون تنظيمون هن رٿا جي مخالفت ڪري رهيون آهن ته ان سان قدرتي ماحول متاثر ٿيندو ايڪو سسٽم تي اثر پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو