آمريڪا ۽ قطر ۾ 1200 ارب ڊالر جي معاهدن تي صحيحون

آمريڪا ۽ قطر ۾ 1200 ارب ڊالر جي معاهدن تي صحيحون

دوحه(ويب ڊيسڪ) قطر ۽ آمريڪا ۾ مختلف شعبن ۾تعاون بابت 1200 ارب ڊالر جي ماليت جا معاهدا ڪيا آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني معاهدن تي صحيحون ڪيون. هي پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن آمريڪي صدر قطر جو دورو ڪيو آهي. قطري امير پنهنجي طاقتور مهمان کي 40 ڪروڙ ڊالر جي ماليت جو جهاز پڻ گفٽ ڪيو. جهاز جي پڇ تي ٽرمپ جي تصوير سون سان ٺهيل آهي. جهاز ۾ شاهي آرامده ڪمرا۽ سون جو باٿ روم پڻ آهي. صدر ٽرمپ قيمتي تحفو قبول ڪندي قطري ميزبان جوشڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هي ناياب تحفو آسمان م هڪ محل جيان آهي. قطر ايئرلائين آمريڪا جي بوئنگ ڪمپني کان 200 مسافر جهاز 96 ارب ڊالر ۾خريد ڪندي. آمريڪا قطر کي ڊرون ۽ اينٽي ڊرونز ٽيڪنالوجي به فراهم ڪندو. قطر آمريڪا ۾ توانائي ۽ ٽيڪنالاجي وارن شعبن م سيڙپڪاري به ڪندو. ايئر فورس ون تي صدر ٽرمپ جي دوري جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جڏهن صدر ٽرمپ کان پڇو ته ڇا قطر سان اها ڊيل به ٿي آهي ته اوهانجي خاندان واري ملڪيت جي ڪرپٽو ڪرنسي 2 ارب ڊالر جي خريد ڪندو ته ٽرمپ چيو ته کيس ان معاملي جي خبر ناهي پر ڪرپٽو سٺي شئي آهي مان ان جو حامي آهيان. صدر ٽرمپ 4 ڏينهن جي گلف جي دوري دوران ٻه راتيون سعودي عرب ۾ رهيو جتي هن شام جي صدر الشارا سان ملاقات ڪئي ۽ ان بعد دوحه پهتو. جتي قطري حڪومت سان معاهدن بعد قطر ۾ آمريڪي فوجين سان مليو ۽ کين خطاب بعد خميس تي هو گڏيل عرب امارات پهچندو. جتي هڪ راتترسڻ بعد جمعي تي واشنگٽن روانو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو