واشنگنٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهن.ميڊيا بريفنگ ڏيندي نيڊ پرائس چيو ته پاڪستان کي ايف 16 جهازن جا پرزا وڪرو ڪرڻ بابت ڪانگريس کي آگاهه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ان فيصلي سان دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ مدد ملندي، پاڪستان ڪيترن ئي شعبن ۾ آمريڪا جو اهم اتحادي آهي.نيڊ پرائس وڌيڪ چيو ته اسان کي پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ سول سوسائٽي تي پابندين تي ڳڻتي آهي.










