آمريڪا پاران روسي تيل تائين پهچ لاءِ 30 ڏينهن جو جنرل لائسنس جاري

آمريڪا پاران روسي تيل تائين پهچ لاءِ 30 ڏينهن جو جنرل لائسنس جاري

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) آمريڪا روسي تيل تائين رسائي لاءِ 30 ڏينهن جو جنرل لائسنس جاري ڪيو آهي.

آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسنت جو چوڻ آهي ته هو سمنڊ ۾ ڦاٿل روسي تيل تائين رسائي لاءِ 30 ڏينهن جو جنرل لائسنس جاري ڪري رهيو آهي، ۽ ضرورت مطابق مخصوص لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو.

اسڪاٽ بيسنت جي مطابق، عام لائسنس خام تيل جي جسماني مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، توانائي جي لحاظ کان غريب ملڪن تائين تيل جي ترسيل کي يقيني بڻائيندو.

نيوز ايجنسي موجب، هي سهولت شروعاتي طور تي تيل جي فراهمي ۽ قيمتن کي گهٽائڻ لاءِ فراهم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو