واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)خميس ڏينهن منجهند ڌاري بو شهر جي ايٽمي پلانٽ، بندرعباس ۾ مڇي مارڻ واري جيٽي ۽ هرمز جي سامونڊي پٽي تي آمريڪا بمباري ڪئي آهي. جنهن جي جواب ۾ ايران بحرين، ڪويت، قطر ۽ اردن تي ميزائيل حملا ڪيا آهن. ڪويت موجب فضا ۾ تباهه ڪيل ميزائيل جي ملبي سبب هڪ شهري زخمي ٿيو آهي. آمريڪي حملن ۾ آءِ آر جي سي جا 3 اهلڪار به مارجي ويا آهن، جن جي عهدن ۽ نالن جو پتو ناهي پيو.ٻئي پاسي ايران چيو آهي ته هن ايدن ۾ آمريڪي اڏي تي 10 ميزائيل فائر ڪيا آهن. جنهن بابت اردن چيو ته هنن 8 ميزائيل فضا ۾ تباهه ڪيا آهن ۽ ٻن ميزائيلن جي نقصان بابت معلومات نه ،لي سگهي آهي.
فيلڊ مارشل سان عباس عراقچي جو رابطو، آمريڪي حملا معاهدن جي ڀڃڪڙي قرار
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ٽيليفونڪ رابطي دوران آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، عباس عراقچي چيو ته ايران ڪنهن به آمريڪي جارحيت خلاف مضبوطيءَ سان بيٺو رهندو ۽ پنهنجي خودمختاري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻندو.هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪي اختيارين اسلام آباد ميمورنڊم آف انڊرسٽينڊنگ (مفاهمتي يادداشت) جي پاسداري نٿا ڪن ته اها واشنگٽن جي ڇڪتاڻ ۽ جنگي پاليسين جي تسلسل جو واضح ثبوت هوندو. ايراني پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا وڌيڪ فوجي ڪارروائي ڪئي ته ايران پنهنجي خودمختاري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي دفاع کان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندو ۽ هر ممڪن جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.
جنگ جي باوجود بي خوف هجوم تدفين جي رسمن ۾ شريڪ
ايران ۽ آمريڪا ۾ جاري جهڙپن ۽ حملن باوجود هزارين ماڻهو مشهد شهي جي روڊن تي ۽ امام علي رضا جي روزي جي آسپاس جمع آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي تدفين لاءِ ايران جي اتر اوڀر واري شهر مشهد ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. تهران کان پوءِ مشهد ايران جو ٻيو وڏو شهر آهي، جيڪو ملڪ جو سڀ کان مقدس شهر پڻ سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي شهر علي خامنه اي جو جنم ڀومي پڻ آهي. مشهد ۾ امام رضا عليه السلام جو روضو واقع آهي، جيڪو شيعن جو اٺون امام هو، اهو واحد امام آهي جنهن جي مزار ايران ۾ آهي. اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي تدفين به سندس جنازي جي تقريب جي حصي طور امام رضا عليه السلام جي روضي ۾ ڪئي ويندي. يونيسڪو هن روضي کي دنيا جي مسلمانن ۽ ايراني عوام لاءِ سڀ کان اهم مذهبي ماڳن مان هڪ قرار ڏنو آهي.
جنگ روڪرائڻ ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ثالٽ سرگرم
علائقائي ذريعن سي اين اين کي تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ قطر آمريڪا ۽ ايران کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۽ قطر سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل اڳوڻين ڳالهين جا اهم ثالث هئا، جيڪي آخرڪار جون جي وچ ڌاري صحيح ٿيل مفاهمتي يادداشت تائين پهتيون. ان کان اڳ سفارتي ڳالهين جي مختلف مرحلن کي اڳتي وڌائڻ ۾ عمان پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اربع جي رات پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت سڀني ڌرين تي زور ڏنو ته هو تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن ڪنهن به قدمن کان پاسو ڪن، جيڪي علائقائي امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن. پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “علائقي ۾ امن جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل رابطي، ڳالهين ۽ سفارتڪاري کان سواءِ ٻيو ڪو به متبادل موجود ناهي.” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته، “پاڪستان سڀني ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته هو اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (MoU) تحت پنهنجن لاڳاپيل واعدن تي عمل ڪن، ڇاڪاڻ ته اها يادداشت علائقي ۽ ان کان ٻاهر به باهمي سمجهه، گڏيل احترام ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ هڪ مضبوط ۽ پائيدار بنياد جي حيثيت رکي ٿي.“
ناڪا بندي جو خوف، ايران هڪ رات ۾ هڪ ڪروڙ بيرل تيل روانو ڪري ڇڏيو
ايران هڪ ئي رات دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ (10 ملين) بيرل خام تيل ۽ فيول آئل برآمد ڪري ڇڏيو، جنهن بابت خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو قدم آمريڪي نيوي طرفان سامونڊي ناڪابندي ٻيهر لاڳو ٿيڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو. ٽئنڪرٽريڪر ڊات ڪام ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته تيل جي تيزي سان منتقلي جو هي عمل ان کان فوراً پوءِ شروع ٿيو، جڏهن آمريڪا اوچتو 60 ڏينهن واري پابندين جي ڇوٽ ختم ڪري ڇڏي، جنهن تحت تهران کي عارضي طور پنهنجو تيل کليل نموني عالمي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ جي اجازت مليل هئي. رپورٽ موجب، آمريڪا اهو فيصلو ان کان پوءِ ڪيو، جڏهن ايران هرمز ۾ واپاري جهازن تي حملا ڪيا، ۽ آمريڪا گذريل 48 ڪلاڪن دوران ان جي جواب ۾ تهران جي فوجي ڍانچي ۽ شهري سهولتن تي ڪيترائي حملا ڪيا.
’گڏيل قومن جي خاموشي سبب آمريڪا، ايران تي وڌيڪ حملا ڪيا‘
گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل سفير امير سعيد ايرواني آمريڪا تي گڏيل قومن جي منشور ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي به غيرفعال ڪردار ادا ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته ان جي سبب آمريڪا کي ايران تي وڌيڪ هوائي حملا ڪرڻ ۽ حملن جو دائرو وڌائڻ جي همٿ ملي. هن ڀيري آمريڪي حملن ۾ نشانو بڻايل هنڌن جو دائرو اڳوڻن حملن جي ڀيٽ ۾ وڌي ويو آهي، جنهن ۾ فوجي هنڌن سان گڏ شهري علائقا به شامل آهن. اڳ ۾ آمريڪا بنيادي طور فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندو هو، پر هن ڀيري هوائي اڏن، ريلوي لائينن ۽ ايران جي پنجن صوبن ۾ موجود شهري لاجسٽڪ سهولتن تي پڻ حملا ڪيا ويا. ايراني اختيارين موجب، مثال طور خوزستان صوبي جي شهر اهواز ۾ بوشهر جوهري بجلي گهر جي احاطي کي به نقصان پهتو، جڏهن ته ڏکڻ ايران جي سامونڊي ڪناري تي موجود ڪجهه بندرگاهي گهاٽن (Wharfs) کي پڻ نشانو بڻايو ويو.
آمريڪي حملن ۾ 14 ايراني مارجي ويا 78 ٻيا زخمي
آمريڪي فوج پاران چيو ويو آهي ته تازو ڪيل حملن ۾ ايران جي 90 عسڪري (فوجي) هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي.آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب ايران تي حملن ۾ فضائي دفاعي نظام ۽ ساحلي نگراني جي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو، ايران جي ميزائل ۽ ڊرون ذخيرن ۽ بحري فوجي صلاحيتن کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ايران جي ساحلي علائقن ۾ قائم فوجي لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر تي به حملا ڪيا ويا. ايران جي پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته انهن ايران تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ قطر، بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملو ڪيو. پاسداران انقلاب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر حملا ڪيا ته ردعمل خطي ۾ موجود ٻين آمريڪي اڏن تائين به ڦهلجي ويندو. ٻئي پاسي ايراني صحت واري وزارت جي ترجمان حسين ڪرمانپور چيو آهي ته آمريڪي حملن ۾ 78 ماڻهو زخمي ٿيا جن مان 47 اسپتالن ۾ داخل آهن ۽ ٻين کي ابتدائي طبي امداد بعد واپس روانو ڪيو ويو. الجزيره موجب ايران جي 5 شهرن، بوشهر، چابهار، سرڪ، ۽ بندرعباس تي آمريڪي حملن ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا آهن.
اڳوڻي سپريم ليڊر جي جنازي کان اڳ مشهد ۾ ماڻهن جا هجوم
ايران جي اتر اوڀر واري شهر مشهد ۾ اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي تدفين کان اڳ هزارين ماڻهو گهٽين ۾ نڪري آيا آهن. ڪيترائي ماڻهو ايراني جهنڊا کڻي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ اهڙا بينر به ڏٺا ويا، جن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جا نعرا لکيل هئا. علي خامنه اي فيبروري ۾ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي شروعاتي ڪلاڪن دوران مارجي ويو هو، ۽ اڄ سندس جنازو ڇهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ هڪ منظم تقريب جو آخري مرحلو آهي.
بوشهر جي ايٽمي بجلي گهر تي حملو ٿيو آهي، ايراني ميڊيا
ايران سان لاڳاپيل سرڪاري ميڊيا موجب اڄ منجهند بوشهر جي جوهري بجلي گهر کي به نشانو بڻايو ويو آهي. صوبي جي ڊپٽي گورنر ڏانهن منسوب هڪ بيان، جيڪو ايراني سرڪاري ميڊيا نشر ڪيو آهي، موجب آمريڪا طرفان فائر ڪيل ميزائلن جو ڪجهه حصو بجلي گهر جي احاطي تي اچي ڪريو. آمريڪا اڃا تائين انهن تازي حملن بابت ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.
اردن فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ 8 ايراني ميزائل ڪيرائي ڇڏيا
گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران ايران جا ڪيترائي ميزائل اردن جي فضائي حدن مٿان ڪيرايا ويا. اردن حڪومت جي ترجمان سرڪاري پيٽرا نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته اڄ منجهند ايران مان فائر ڪيل 8 ميزائل جڏهن اردن جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيا ته سائرن وڄايا ويا. ترجمان موجب اهي ميزائل روڪي تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته اردن جون هٿياربند فوجون ڪنهن به وڌيڪ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ تي آهن. ان کان اڳ اي ايف پي نيوز ايجنسي جي هڪ نمائندي به اردن ۾ سائرن وڄڻ جي تصديق ڪئي هئي. اردن ۾ آمريڪي فوجي ۽ فوجي اڏا پڻ موجود آهن. آمريڪا پنهنجي شهرين کي مورچن ۾ وڃڻ جو مشورو ڏنو هو.
ڪويت تي ميزائل ۽ ڊرون حملي دوران هڪ ڄڻو زخمي
ڪويت جي دفاع واري وزارت موجب ملڪ تي ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملي دوران هڪ شخص ميزائلن جا ٽڪرا ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو. وزارت ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته رات جو ٽن بيلسٽڪ ميزائلن، هڪ ڪروز ميزائل ۽ ڏهن ڊرونن کي روڪي تباهه ڪيو ويو.
هرمز مان گذرندڙ جهازن جو انگ گهٽجي ويو
سامونڊي انٽيليجنس ڪمپني ڪپلر جي انگن اکرن موجب، 8 جولاءِ تي رڳو 23 مال بردار جهاز ۽ تيل بردار ٽينڪر آبنائے هرمز مان گذريا، جڏهن ته 7 جولاءِ تي اهو انگ 36 هو. ڊيٽا موجب، 8 جولاءِ تي گذرندڙ جهازن مان گهٽ ۾ گهٽ 12 جهاز هرمز جي اندر ايران جي اترئين سامونڊي رستي ذريعي گذريا.
چين-ايران ريل راهداري تي پل آمريڪي حملي جو نشانو
آمريڪا جي ايران تي ڪيل هوائي حملن دوران اترئين صوبي گلستان ۾ واقع آق تقيه خان ريلوي پل کي نشانو بڻايو ويو آهي، اها ڄاڻ فارس نيوز ايجنسي ڏني آهي. هي پل تهران کي ايران جي سڀ کان وڏي واپاري ڀائيوار چين سان ڳنڍيندڙ اهم واپاري رستن سان ملائي ٿي. آمريڪا طرفان ايران جي بندرگاهن تي لاڳو ڪيل پابندين دوران هن رستي ذريعي روس ڏانهن مال بردار سامان پڻ موڪليو ويندو هو. فارس نيوز موجب پل جي مرمت جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن پل تان گذرندڙ ريلوي رستو ترڪمانستان ۽ قزاقستان مان ٿيندو چين تائين پهچي ٿو.
ايران جي شهر سرڪ ۽ بندر عباس ۾ ڌماڪا، ايراني ميڊيا
ايران جي شهر بندر عباس ۾ ڌماڪو ٻڌو ويو آهي. ايراني ميڊيا موجب سرڪ ۽ بندر عباس ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا آهن، پر في الحال ان جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو. ياد رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته ”اسان گذريل رات ايران تي حملو ڪيو، ممڪن آهي ته اڄ رات ايران تي وڌيڪ سخت حملا ڪريون.
نيٽو چيف جا بيان جنگ ۾ يورپي ملڪن جي ڄاڻي واڻي شموليت جو اعتراف آهن: اسماعيل بقائي
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته نيٽو چيف جا بيان ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ يورپي ملڪن جي ڄاڻي واڻي شموليت جو اعتراف آهن. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڌرتي، عسڪري اڏا ۽ تنصيبات ڏيندڙ ملڪ نتيجن جي ذميواري کان بچي نٿا سگهن، نيٽو چيف مارڪ روٽي جو هن جنگ تي فخر جو اظهار طاقت نه پر خوشامدانه رويي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته نيٽو چيف جو هي رويو خوشامدي درٻاري جي غلامانه ذهنيت کي بي نقاب ڪري ٿو، خوشامدي درٻاري گمان ڪري ٿو ته چاپلوسي بادشاهه جي نفرت کي مٽائي سگهي ٿي، آمريڪا جي نظر ۾ خوشامد سان ڪنهن غير مؤثر اتحاد کي مؤثر نٿو بڻائي سگهجي. اسماعيل بقائي چيو ته خوشامدي جي اهڙي قسم جي چالاڪي واري خوشامد سندس خودداري ۽ ذاتي وقار کي بحال نٿي ڪري سگهي.
”اچو اسان توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون“،ايران
آمريڪي صدر ٽرمپ جي جزيره خارگ تي حملي جي ڌمڪي تي ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي جي ترجمان ابراهيم رضائي چيو آهي ته ”اچو اسان توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، واعدو ٿا ڪريون ته ڪو به آمريڪي فوجي زنده واپس وڃي نه سگهندو.“ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٽرمپ جي بيانن تي ردعمل ۾ چيو ته مهذب ۽ بهادر ايراني قوم لاءِ توهين آميز ٻولي استعمال ڪرڻ سان ايراني قوم جي عظمت گهٽ نٿي ٿئي.هن چيو ته ايراني پنهنجي شائستگي، ثقافت ۽ مضبوط اخلاقي قدرن جي ڪري سڃاتا ويندا آهن، اسان بيهودگي جو جواب بيهودگي سان نه پر بي خوفي، عظيم حوصلي ۽ عمل سان ڏيندا آهيون.
آبنائي هرمز آمريڪي ڌمڪين سان نه پر ايراني انتظامن تحت کولي ويندي: باقر قاليباف
ايران جي چيف ڳالهائيندڙ (مذاڪرات ڪار) ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آبنائي هرمز آمريڪي ڌمڪين سان نه پر ايراني انتظامن ۽ خودمختياري تحت کولي ويندي.هن آمريڪا کي پيغام ڏنو ته ياد رکجو، هر حملي جو جواب ڏنو ويندو، واعدي خلافي ۽ ڌمڪين جي قيمت چڪائڻي پوندي.
ايران فون ڪري چيو آهي ته هو ڊيل چاهي ٿو: صدر ٽرمپ جو دعويٰ
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران فون ڪري چيو آهي ته هو آمريڪا سان ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو، پر اهو ناهي ٻڌايو ته ڪهڙي ايراني عهدي بابت ڪهڙي آمريڪي عهديدار کي فون ڪيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته کيس معلوم ناهي ته اهي عهديدار ڪنهن لائق آهن ۽ اهو به نٿا ڄاڻن ته آيا اهي ايراني عهديدار ان ڊيل کي پورو به ڪندا يا نه. اها ئي اصل مشڪل آهي. ان سوال تي ته آيا آمريڪي صدر جي طياري کي ايران مان ڪو خطرو آهي؟ صدر ٽرمپ چيو ته کيس هر وقت خطرا درپيش آهن. هو ايران جي هٽ لسٽ تي سڀ کان مٿان آهي. هڪ ٻئي سوال تي صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا ڪجهه دير اڳ ايران تي سخت حملو ڪيو آهي. ايران جي هڪ حملي جي جواب ۾ 20 ڀيرا حملا ڪيا ويندا آهن.
ايراني فورسز پاران جلد خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي وڏن حملن جو اعلان، ڪويت ۽ بحرين ۾ سائيرن جا آواز
ايراني فورسز آمريڪي حملن جي جواب ۾ جلد خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي وڏن حملن جو اعلان ڪيو آهي. قطري ميڊيا موجب، ممڪنه ايراني حملن کي نظر ۾ رکندي ڪويت ۽ بحرين ۾ سائيرن وڄايا ويا. ڪويت جو چوڻ آهي ته راڪيٽ ۽ ڊرون حملن خلاف نظام متحرڪ آهي. قطر ۾ موبائل فونن تي سڪيورٽي خطري جي وارننگ کانپوءِ خطرو ٽري وڃڻ جا پيغام مليا.
آمريڪي فوج جو اتر-اوڀر ايران ۾ ريلوي پل تي حملو
ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري آءِ آر آءِ بي موجب، آمريڪي فوجن اتر-اوڀر ايران جي صوبي گلستان ۾ واقع شهر آق قلعه ويجهو هڪ ريلوي پل تي فضائي حملو ڪيو آهي. رپورٽ موجب، مقامي وقت مطابق رات تقريباً 1:30 وڳي پل تي دشمن جي 7 ميزائلن سان حملو ڪيو ويو، جن مان 2 ريلوي ٽريڪ تي اچي ڦاٽا، جنهن جي نتيجي ۾ ريلوي لائن کي نقصان پهتو.
آمريڪي فوج جو ايران جي ڏکڻ-اوڀر ايرانشهر ائيرپورٽ تي حملو، فائر فائٽر جاني بحق: ايراني ميڊيا
ايران جي سرڪاري خبرن واري ايجنسي ارنا موجب، آمريڪي فوج پاران ڏکڻ-اوڀر ايران جي ايرانشهر ائيرپورٽ جي تنصيبات تي حملي ۾ هڪ فائر فائٽر جاني بحق ٿي ويو.صوبي سستان ۽ بلوچستان جي نائب گورنر ۽ ايرانشهر جي گورنر ٻڌايو ته مقامي وقت مطابق رات تقريباً 12:30 وڳي سڄي شهر ۾ 4 زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. هن چيو ته واقعي واري هنڌ جي معائني کانپوءِ معلوم ٿيو ته ڪيترائي گولا ائيرپورٽ جي فلائيٽ آپريشنز جي عمارت ۽ موسميات کاتي جي اسٽيشن سان ٽڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي عمارتن کي نقصان پهتو. اختيارين موجب، هنگامي امدادي ٽيمون فوري طور تي موقعي تي پهچي ويون، پر ڊيوٽي تي موجود فائر فائٽر خالد قادري حملي ۾ جاني بحق ٿي ويو. واضح رهي ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو هو ته ڪمانڊر ان چيف جي هدايت تي آمريڪي فوجن ايران خلاف وڌيڪ حملا شروع ڪري ڏنا آهن ته جيئن آبنائي هرمز ۾ جهاز راني جي آزادي کي خطري ۾ وجهڻ جي ايران جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگهجي. ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، بندر عباس، سرڪ، ڪونارڪ ۽ چابهار ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا آهن. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته چابهار ۾ ڌماڪن کانپوءِ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، بوشهر صوبي ويجهو به ڌماڪا ٻڌا ويا آهن. بوشهر تي آمريڪي حملي سان جوهري (نيوڪليئر) پاور پلانٽ کي ڪو نقصان ناهي پهتو. ايراني ميڊيا موجب، چابهار تي آمريڪي حملي جي ڪري پروجيڪٽائل جو ٽڪرو امام علي اسپتال تي ڪريو آهي، ايران جي ابوموسيٰ جزيري ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.
ايران جو 6 کرڙ 30 لک بيرل خام تيل سمنڊ ۾ ڦاسي پيو
آمريڪا پاران پابهندين ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ کانپوءِ ايران جو 6 ڪروڙ 30 لک بيرل خام تيل سمنڊ ۾ ڦاسي پيو آهي. آمريڪي رسالي بلومبرگ موجب، ويسل ٽريڪنگ ڊيٽا ظاهر ڪري ٿو ته ايران جي لکن بيرل خام تيل سان لڏيل ٽينڪرز خليج فارس کان وٺي آبنائي ملاڪا تائين يا ته هلي رهيا آهن يا وري بيهجي ويا آهن. آمريڪي رسالي جو چوڻ آهي ته وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري جيڪڏهن آمريڪي ناڪابندي ٻيهر شروع ٿئي ٿي ته ايران جو تقريباً 5 ڪروڙ بيرل خام تيل ۽ ريفائنڊ مصنوعات ڦاسي پونديون.










