نيويارڪ(ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن آئنده ڪنهن دشمن آمريڪا تي حملو ڪيو ته ان جو پيڇو ڪنداسين، چاهي هو ڪٿي به هجي ۽ اهڙي طاقت استعمال ڪنداسين جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڏٺي به نه هوندي. اهڙو اظهار هن نئن اليون جي 18 هين ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته “مان ايٽمي طاقت جي ڳالهه نٿو ڪريان پر اهڙي طاقت جي ڳالهه ٿو ڪريان جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن به آمريڪا استعمال ناهي ڪئي”. هن طالبان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ڪيمپ ڊيوڊ ۾ گهرايو هو پر اوهان افغانستان ۾ حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ آمريڪي سميت 12 بيگناهه فوت ٿيا، جنهن بعد مون سندن خلاف ڀرپور طاقت استعمال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ 4 ڏينهن کان دشمن خلاف ڀرپور ڪارروائي جاري آهي. هن ان جو ڪو وڌيڪ تفصيل نه ڏنو ته ڪهڙي نوعيت جي اها ڀرپور قوت ۽ طاقت آهي. هن چيو ته طالبان خلاف ڀرپور طاقت جڳ استعمال جاري رهندو. ان کان اڳ 4 ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ تقريب ۾ نائن اليون جي سانحي ۾ مري ويل 3 هزار ماڻهن جن ۾ پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز جا ماڻهو به شامل هئا، انهن جا نالا پڪاريندي سندن باري ٻٽي جملا چوڻ جي رسم ٿي.

ياد رهي ته ايٽمي طاقت کان به وڌيڪ خطرناڪ قوت استعمال ڪرڻ جي صدر ٽرمپ جي ڌمڪي القائده اڳواڻ ايمن الزواهري جي تازو جاري ڪيل 33 منٽن جي ويڊيو جي تناظر ۾ هئي، جنهن ۾ هن آمريڪا، اسرائيل، يورپ ۽ روس تي حملن جي ترغيب ڏني آهي.










