آلودگي ڪندڙ ملڪن کي ماحولياتي انصاف جي ضرورت آهي: وزيراعظم

آلودگي ڪندڙ ملڪن کي ماحولياتي انصاف جي ضرورت آهي: وزيراعظم

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ تي عالمي برادري جي مدد ڪافي ناهي، هو آلودگي پکيڙيندڙ امير ملڪن کان ماحولياتي انصاف چاهين ٿا.برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان صحت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ لڏپلاڻ جي غير معمولي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ترقي يافته ملڪن جي ذميواري آهي ته اسان سان گڏ بيٺا.هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ جي تباهي اسان جي وس کان ٻاهر آهي، پاڪستان پرڏيهي قرض ادا ڪرڻ جي قابل نه هوندو.شهباز شريف چيو ته ٻوڏ تي عالمي برادري جي مدد ڪافي ناهي، آلودگي ڪندڙ امير ملڪن کان ماحولياتي انصاف چاهين ٿا.هن چيو ته پرڏيهي قرضن جي واپسي جي حوالي سان هو چين، پيرس ڪلب سميت سڀني سان ڳالهائيندو، عالمي برادري جي بيانن تي عمل ڪرڻ وڌيڪ ضروري آهي، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي، نه رڳو پاڪستان پر دنيا ان تي تيزي سان عمل ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو