ٺٽو(ن سنڌيار) ٺٽو جي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر نه مليا تعليم کاتي جا عملدار اليڪشن ڊيوٽي ۾ مصروف هجڻ ڪري متاثر اميدوار سخت پريشان، ان سلسلي ۾ JST پاس اميدوارن پاران مڪلي تي ھڪ احتجاجي مظاھرو IBA ٽيسٽ ذريعي پاس ٿيندڙ جي ايس ٽي اميدوارن جنيد يوسف نويد پليجو، امجد شيخ، مجتبيٰ شاھ، شھباز پليجو، مجاهد ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ مڪلي کان ڊي اي او آفيس سيڪنڊري آڏو پهچي نعريبازي ڪندي چيو تہ ويئي اسان JST پاس اميدوارن کي حڪومتي پاليسي جي ابتڙ تعليم کاتي ٺٽو جي انتظاميه پريشان ڪري رهي آھي، اڃا تائين آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آھن، احتجاج ڪندڙ اميدوار چيو تہ کين بلاجواز پريشان ڪيو پيو وڃي، فوري طور تي اسان 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي ايس ٽي اميدوارن کي آفر ۽ مقررين جا آرڊر جاري ڪري پريشاني دور نہ ڪئي ويئي تہ سخت احتجاج کي جاري رکيو ويندو. ھنن چيو تہ ي اي او سيڪنڊري ٺٽو اليڪشن ڊيوٽي ۾ مصروف هجڻ توڙي ٻيا بهانا بڻائي اسانکي دربدر ڪري رهيو آھي، جنھہ معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.










