آفريدي پاران عمران خان رهائي فورس ٺاهڻ جو اعلان

آفريدي پاران عمران خان رهائي فورس ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته مون کي پي ٽي آءِ جي باني پاران اسٽريٽ موومينٽ جي ذميواري ڏني وئي آهي، مان پي ٽي آءِ عمران خان رهائي فورس جي قيام جو اعلان ڪريان ٿو.
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني لبريشن فورس پرامن جدوجهد ڪندي ۽ ان کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو.
هن چيو ته عيد کان فوري پوءِ اسان پشاور ۾ فورس جي ميمبرن کي حلف کڻائينداسين. هن فورس جو هڪ سلسلو ڪمانڊ هوندو. پي ٽي آءِ جو باني جنهن کي به ذميواري ڏيندو، ان کي هن فورس جي ڪمانڊ ڏيندو.پهريان اسين تياري ڪنداسين ۽ پوءِ وڙهنداسين. هي جنگ جمهوريت، آئين ۽ آزاد ميڊيا جي بالادستي لاءِ هوندي.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته عدالتي حڪم ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ ذاتي ڊاڪٽرن تائين رسائي فراهم نه ڪئي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو