آغا سراج جي گهر ڇاپي خلاف وڪيلن جو احتجاج

آغا سراج جي گهر ڇاپي خلاف وڪيلن جو احتجاج

ڳڙهي ياسين (ن س) پيپلز لائيرز فورم ۽ تعلقه بار ڳڙھي ياسين جي اڳواڻن جو نيب پاران آغا سراج خان دراني جي گهر جي محاصري خلاف احتجاج اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سان يڪجهتي جو اظهار سينيئر ايڊووڪيٽ سيد محمد علي شاھ، ايڊووڪيٽ  احسن حيدر لوڌي . ايڊووڪيٽ زاهد حسين ميمڻ، ايڊووڪيٽ ظهير احمد مهر، ايڊووڪيٽ نويد احمد شيخ، ايڊووڪيٽ علي محمد مهر، ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي شاھ ۽ ايڊوڪيٽ عذادار حسين شيخ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني جي گهر ٻاهران نيب جي محاصري جي سخت مذمت ڪيون ٿا  آغا سراج خان دراني هڪ عوامي ليڊر آهي، جنهن پنهنجي تڪ جي عوام کي هزارين روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آهن ۽ علائقي ۾ بي شمار ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جيڪي مخالفن کان برداشت ڪون ٿي رهيا آهن آغا سراج دراني تي وفاقي عمراني حڪومت هٿ ٺوڪيا ڪيس مڙهي رهي آهي، نااهل حڪومت مهنگائي سميت عوامي مسئلن تي توجه ڏيڻ بجاءِ سنڌ جي عوامي نمائندن تي ڪوڙا ڪيس مڙهي پريشان ڪري رهي آهي، نيب پنهنجي قانوني حدن ۾ رهي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال نہ ڪري پيپلز لائيرز فورم ۽تعلقه بار جا وڪيل آغا سراج خان دراني سان هر ڏکي موڙ تي ساڻس گڏ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو