اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سميت وڌيڪ 37 اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.ملڪ ۾ عام چونڊن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نتيجا جاري ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ اڄ ڇنڇر جي ڏينهن اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري سميت قومي اسيمبلي جي وڌيڪ 37 سيٽن تي اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 190 تان 224 سمورن تڪن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي نوٽيفڪيشن جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته اين اي 226 ۽ 228 تي اميدوارن جا ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.










