سڊني(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي عام چونڊن ۾ اپوزيشن جي ليبر پارٽي ڪنزرويٽو پارٽي کي شڪست ڏئي ڇڏي، ڪنزرويٽو پارٽي 10 سالن ملڪ تي حڪومت ڪئي، وزير اعظم اسڪاٽ موريسن انٿوني البانيز کي فتح تي مبارڪباد به ڏني آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ليبر ليڊر اينٿوني البانيز 9 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين اپوزيشن ۾ رهڻ کانپوءِ چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي ڪاميابي تي پنهنجي بيان ۾ آسٽريلوي عوام کي متحد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ”مان ملڪ کي متحد ڪرڻ چاهيان ٿو“ اينٿوني البانيز صحافين کي ٻڌايو ته جڏهن هو گذريل رات سڊني ۾ ليبر پارٽي جي ريلي لاءِ پنهنجي گهر روانو ٿيو ته اليڪشن جي فتح جو جشن ملهايو. هن عوام جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.










