آسمان مان ڪرندڙ ٻرندڙ تارن جو منظر ڪيئن ڏسي سگهبو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ آسمان مان ٻرندڙ تارن يعني شهاب ثاقب جي برسات ٿيندي نظر ايندي. آسمان مان ڪرندڙ انهن تارن کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن اوزار جي ضرورت ناهي پر 12 ۽ 13 آگسٽ تي رات 12 وڳي پرهه ڦٽي تائين بهترين منظر نظر ايندو. اَرٿ اِسڪاءِ جي رپورٽ موجب ان وقت 50 کا 75 شهاب ثاقب في ڪلاڪ جي حساب سان ڪرندي نظر ايندا.  ٻرندڙ تارا آسمان مان 37 ميل (59 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان ڪرندا. خميس کان شروع ٿيندڙ ڪرندڙ تارن جو منظر ڇنڇر تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو