قانون ساز اسمبلي جي چونڊن جو پهريون مرحلو اڄ شروع

قانون ساز اسمبلي جي چونڊن جو پهريون مرحلو اڄ شروع

ميرپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آزاد ڪشمير قانون ساز اسمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي تحت اڄ ميرپور ڊويزن جي ٽن ضلعن ميرپور، ڪوٽلي ۽ ڀمبھر جي 13 تڪن تي پولنگ ٿي رهي آهي، جيڪا صبح 8 کان شام 5 بجين تائين جاري رهندي. اليڪشن ڪمشنر موجب چونڊن لاءِ سامان جي ترسيل مڪمل ڪري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. هن ڀيري پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، استحڪامِ پاڪستان پارٽي ۽ آزاد اميدوارن سميت 296 اميدوار ميدان ۾ آهن. آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) غلام مصطفيٰ مغل سخت چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ووٽنگ جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن چيف سيڪريٽري خوشحال خان چيو آهي ته عوام انتشار پسند ٽولن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ امن امان خراب ڪندڙن سان لوهه جي هٿن سان منهن ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو