آزاد ڪشمير:“را” لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ هڪ شخص گرفتار

آزاد ڪشمير:“را” لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ هڪ شخص گرفتار

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) هڪ شخص کي ڀارت جي بدنام زمانه انٽيليجنس ايجنسي ‘را’ کي جي پي ايس لوڪيشن فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب راولاڪوٽ جي هڪ رهواسي خلاف ٿاڻو صدر ۾ سرڪاري رازن واري قانون تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب، ملزم هڪ ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي لاءِ جاسوسي ڪري رهيو هو. ملزم وڏي رقم جي بدلي ۾ دشمن ملڪ جي ايجنسي کي حساس قومي راز ڏنا.ياد رهي ته ڀارت 6 مئي جي رات مظفر آباد ۾ بلال مسجد تي ميزائل فائر ڪيا هئا، جنهن سان مسجد کي سخت نقصان پهتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو