آر بي او ڊي جي ننڍن ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج،روڊ بلاڪ

آر بي او ڊي جي ننڍن ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج،روڊ بلاڪ

ٺٽو(ڊر) آر بي او ڊي ٺٽي جي ننڍن ملازمن کي گذريل 16 مھينن کان پگھارون نہ ملڻ ڪري سندن خاندان فاقہ ڪشي تي مجبور بڻيل، ملازمن جو مڪلي تي اُحتجاج، رھيل پگھارون ڏيئي فاقہ ڪشي کان بچائي کين پڪو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ RBOD ٺٽي جي ڪيترن ئي پگھارن کان محروم ٿيل ننڍن ملازمن RBOD آفيس مڪلي کان مڪلي/غلام الله روڊ تائين ھڪ احتجاجي مظاھرو آپڪا ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ مرتضيٰ سومرو، محمد خان سومرو، يونس ماڇي، مير محمد جاکرو، عبدالحميد سومرو، ڊڀو ماڇي، جليل الله سومرو، عبدالجبار سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ سندن پگھارون گذريل 16 مھينن کان بلاجواز بند ڪري کين بک ۽ بدحالي ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري سندن خاندان فاقہ ڪشي تي مجبور بڻيل آھن، RBOD جي پگھارن کان محروم ٿيل ملازمن الزام ھڻندي چيو تہ سندن 61 ملازمن مان 20 کان وڌيڪ آفيسرن جي من پسند ملازمن کي پگھارون ڏنيون ويون آھن، پر کين اڃان تائين پگھارون نہ ملڻ ڪري ھو سخت پريشان آھن، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ RBOD جي PD پاران 2021 ۾ ھڪ ڪروڙ 86 لک روپيہ ۽ 2022 ۾ ھڪ ڪروِڙ 19 لک روپيہ ڪڍرائي ھڙپ ڪيا ويا آھن، پر کين انھن نڪتل پئسن مان پگھارون بہ ملي ناھن سگھيون، جنھن ڪري RBOD ٺٽو ۾ ڪم ڪندڙ داروغا، بيلدار، ڊرائيور، مالھي، چوڪيدار، پٽيوالا پگھارون نہ ملڻ ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن گھر ڪئي تہ کين رھيل 16 مھينن جون پگھارون ڏيئي پڪو ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو