آر ايل اين جي نه کپي، صوبي مان نڪرندڙ  گيس گهرجي، ڪابينا

آر ايل اين جي نه کپي، صوبي مان نڪرندڙ گيس گهرجي، ڪابينا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گئس بحران ختم ڪرڻ لاءِ سئي سدرن گئس ڪمپني کي لائين وڇائڻ لاءِ اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران ڪابينا ميمبرز چيو ته اسان کي آر ايل اين جي نه گهرجي، سنڌ کي صوبي مان نڪرندڙ قدرتي گئس ئي مهيا ڪئي وڃي، ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس ايس جي سي ملير، ڄامشورو۽ ٺٽو ۾ پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ واري درخواست ڏني هئي. سنڌ ڪابينا زمين الاٽ ڪرن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ برسات ۽ سِم نالن سبب متاثر ٿيل 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ واري فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو