اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.چين جي معروف بئنڪن ۽ ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي.شهباز شريف چيو ته چين جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.










