راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان اڳوڻي آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ افغانستان ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف افغانستان ۾ انساني بحران جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف اسلام آباد سڪيورٽي ڊائيلاگ ۾ شرڪت تي زلمي خليل زاد جا ٿورا مڃيا.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب زلمي خليل زاد علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته زلمي خليل زاد پاڪستان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو.










