نئين آرمي چيف جي مقرري، وزيراعظم جو اختيار آهي: حافظ حمدالله

نئين آرمي چيف جي مقرري، وزيراعظم جو اختيار آهي: حافظ حمدالله

اسلام آباد (بيورو) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته آرمي چيف جي واڌ هجي يا نئين مقرري هي وزيراعظم جو اختيار آهي حافظ حمدالله پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اهو ئي اختيار عمران نيازي آگسٽ 2019 ۾ استعمال ڪيو هو هن چيو ته آرمي رولز ۽ آئيني طريقيڪار موجود آهي عمران خان جي بيان جي ڪائي حيثيت نه آهي. هن چيو ته هن عهدي تي سياست ڪرڻ رياست جي سلامتي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو هي اهم مقرري عمران نيازي جهڙن جي پسند ۽ ناپسند جي ور نٿي چاڙهي سگهجي ترجمان چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته سمورن ادارن جا سربراهه سندس مرضي مطابق هجن سندس اها خواهش جمهوري قوتن جي اتحاد پي ڊي ايم جي هوندي پوري نه ٿيندي حافظ حمدالله چيو ته توهان سياسي راند کان ٻاهر آهيو توهان آهيو ڪير؟ توهان جي حيثيت ڇا آهي؟ هن چيو ته تون رياست کي سياست لاءِ ۽ پي ڊي ايم سياست کي رياست لاءِ استعمال ڪري رهي آهي اهو فرق آهي ليڊر ۽ ايڪٽر ۾.

پهنجو تبصرو موڪليو