آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ بابت نظرثاني درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. وفاقي حڪومت طرفان داخل نظرثاني درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان گذريل مهيني ٿيل فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻڌڻي لاءِ لارجر بهينچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي آهي. ان کان علاوهه حڪومت نظرثاني درخواست ۾ چيو آهي ته ڪيس جي ان ڪيمره ٻڌڻي ڪئي وڃي. ان کان اڳ وزير قانون بيرسٽر فروغ نسيم جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ ڪيترن ئي آئيني نڪتن جو جائزو ناهي ورتو آئيني معاملن تي نظرثاني جي ضرورت آهي. بيرسٽر فروغ نسيم ٻڌايو ته آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪئي ويندي جنهن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. وزير قانون چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست اڄ ئي داخل ڪئي ويندي ۽ واڌ بابت سپريم ڪورٽ جي سڄي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪنداسين. واضح رهي ته 28 نومبر 2019 تي آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ متعلق ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ حڪومت کي 6 مهينن ۾ قانون سازي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جي مدي ۾ 6 مهينن جي مشروط واڌ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو