آدمشماري ۾ ٻين صوبن وارن ۽ پرڏيهين کي نه ڳڻيو وڃي

ٽنڊو محمد خان(مظفر علي بروهي) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڊجيٽل آدم شماري ۾ دنيا جي عالمي قانون جي تحت ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي پنهنجي برابري جي بنياد تي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو وڃي . اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ڏنل آجياڻي دوران ساڃاهه ونڌ ڌرين ، سول سوسائٽي ، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، ڪارڪنن ، اديبن ، قلم ڪارن ، صحافين کي خطاب ۽ ميٽ دي پريس کي مخاطب ٿيندي ڪيو . هن چيو ته آدم شماري جو بنيادي مقصد عوام جي تعداد جي تحت کين پنهنجي ڌرتي تي پنهنجا حق ڏيارڻ آهي . جنهن ۾ ٻين ملڪن کان غير قانوني طور آيل پرڏيهن کي آدمشماري ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو به قانوني اخلاقي جواز نه ٿو رهي نه وري چور دروازي کان آيل پرڏيهن کي آدم شماري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو . سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ آدم شماري جي خدشن کي ختم ڪرڻ کان علاوه سنڌ آدم شماري کي قبول نه ڪندي. ڊجيٽل آدم شماري جو مقصد ڌرتي واسين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي .سنڌ ۾ لکين افغاني ، برمي ، بنگالي ، بهارين سميت غيرقانوني طور آيل پرڏيهن کي آدم شماري کان الڳ رکيو وڃي . سنڌ ۾ ٻين صوبن جي آباد ماڻهن کي سنڌ جي ڪيل آدم شماري کان الڳ خانو ٺاهي سندن صوبي جي الڳ سڃاڻپ سان ڳڻپ ڪئي وڃي . سنڌ جي وڏن ننڍن شهرن ڪراچي ، حيدرآباد ، سکر ، ميرپورخاص سميت سڄي سنڌ ۾ ڪيل آدم شماري جي دوران اصل ڌرتي واسين کي پنهنجي مادري ٻولي جي خاني ۾ سنڌ ٻولي جو لفظ استعمال ڪيو وڃي . سنڌ جي روشن مستقبل خوشحالي لاءِ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ عملي جدوجهد ذريعي 20 مارچ تي سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ سڄي سنڌ کي هڪ آواز ٿي گڏ ٿيڻو پوندو . ان موقعي تي ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ، اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاهه ، محمد جمن ملاح ، انيس صبحپوٽو ، صابر ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو