ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان ۾ کيڏي ويندڙ ٻن ٽيسٽ ميچز جي آخري ميچ جي پهرين ڏينهن تي پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنز ٺاهيون. ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي. پاڪستان جي اننگ جي شروعات سٺي نه ٿي صرف ٻن رنز تي 3 بيٽسمين آئوٽ ٿي ويا. عابد علي هڪ رن ٺاهي ڪيماروچ کي وڪٽ ڏني، اظهر علي بنا رن آئوٽ ٿيو ۽ عمران بٽ به هڪ رن ٺاهي موٽيو. جنهن بعد بابراعظم ۽ فواد بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ٻنهي ففٽيون اسڪور ڪيون، بابر 75 تي رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ فواد 76 تي رٽائرڊ هرٽ يعني زخمي هئڻ سب واپس موٽيو. رضوان 22 ۽ فهيم اشرف 23 تي ڪيريز تي موجود آهن. پهرين ڏينهن گهٽ روشني سبب راند جلدي ختم ڪئي وئي. ياد رهي ته پهرين ٽيسٽ ويشت انڊيز کٽي چڪي آهي.










