ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اايم اي جناح روڊ تي هڪ آتشبازي جي گودام ۾ ڌماڪي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي ماءُ سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ گودام مالڪن خلاف نقصان جو دعويٰ داخل ڪيو آهي.درخواستگذار جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته فيڪٽري مالڪن ۽ سنڌ حڪومت خلاف فيٽل ايڪسيڊنٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، 21 آگسٽ تي ايم اي جناح روڊ تي غيرقانوني آتشبازي جي گودام ۾ ڌماڪو ٿيو.وڪيل چيو ته ڌماڪي ۾ 16 سالن جو سيد اسد شاهه فوت ٿي ويو جڏهن ته سيد اظفر شاهه سخت زخمي ٿيو. درخواستگذار جو پٽ فيڪٽري ۽ گودام مالڪن جي لاپرواهي سبب فوت ٿيو.درخواستگذار جي وڪيل چيو آهي ته ڌماڪي جو ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود، فيڪٽري کي اڃا تائين منتقل نه ڪيو ويو آهي، ۽ حادثي جي ذميوارن کي 53.7 ملين رپيا معاوضو ادا ڪرڻ گهرجي.










