ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) آبپاشي عملدارن پاران دڙيلو شاخ جي آبادگارن تي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو. خبر موجب ايس ڊي او ايريگيشن پاران دڙيلو شاخ جي آبادگارن جاويد سلطان چانڊيو، زمان چانڊيو، جلال چانڊيو سميت 20 آبادگارن تي جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف نظر خواجه، گل جان چانڊيو، دلاور چانڊيو، صمد عمراڻي ۽ زبير عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي چيو ته دڙيلو جي آبادگار جاويد سلطان چانڊيو پاران دڙيلو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ايريگيشن عملي جي ڪرپشن خلاف سول ڪورٽ ڪنري ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ کانپوءِ ايس ڊي او ايريگيشن آبادگارن جاويد سلطان چانڊيو سميت 20 کان وڌيڪ آبادگارن خلاف ڪيس داخ ڪرايو آهي. هنن گهر ڪئي ته آبادگارن تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري، ڪرپٽ ۽ راشي ايس ڊي او ايريگيشن کي هٽايو وڃي.










