واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز ۾ آمريڪي فوجي آپريشن (پروجيڪٽ فريڊم) کي عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪي فوجي آپريشن “پروجيڪٽ فريڊم” آمريڪي بحريه پاران بند آبنائي هرمز ذريعي تجارتي جهازن جي محفوظ گذرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي درخواست تي ۽ ايران خلاف اسان جي شاندار فوجي فتح کان پوءِ ۽ ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي ته ايراني نمائندن سان مڪمل ۽ آخري معاهدي جي طرف وڏي پيش رفت ٿي آهي.ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ ايران باهمي طور تي متفق ٿيا آهن ته آمريڪا پنهنجي پروجيڪٽ فريڊم کي معطل ڪري رهيو آهي. هن منصوبي تحت، آبنائي هرمز ذريعي جهازن جي حرڪت کي ممڪن بڻايو ويندو.ٽرمپ چيو ته آمريڪا هاڻي ٿوري وقت لاءِ پروجيڪٽ فريڊم کي معطل ڪندو ۽ هن دوران آمريڪا ڏسندو ته ايران سان ڪو معاهدو آخري شڪل اختيار ڪري ٿو يا نه ۽ ان تي دستخط ٿئي ٿو.آمريڪي صدر چيو ته آبنائي هرمز ۾ ناڪا بندي هن وقت تائين مڪمل طور تي برقرار رهندي.
عراقچي جي سعودي هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه
ايراني خابرو اداري ٻڌايو آهي ته بيجنگ ۾ موجود ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي سعودي هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ٻنهي خطي جي سلامتي يقيني بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ تي اتفاق ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقات بعد ايران جو سعودي عرب سان رابطو ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيل غلط فهمين کي دور ڪرڻ ۾ به مددگار ٿيندو.
چين پاران ايران خلاف، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ ناجائز قرار
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيني گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران عباس عراقچي چيو ته چين ايران جو ويجهو دوست آهي۔ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ هو ته هاڻوڪي صورتحال ۾ ايران ۽ چين جا لاڳاپا اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿيندا۔ ٻئي پاسي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ ناجائز آهي، چين علائقي ۾ تڪرار جي شدت گهٽائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي۔
آمريڪا جو پشاور ۾ قونصل خانو بند ڪرڻ جو اعلان
آمريڪي پرڏيهي کاتي پشاور ۾ آمريڪي قونصل خاني کي مرحليوار بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب خيبر پختونخوا سان لاڳاپيل سفارتي معاملن جي ذميواري اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني حوالي ڪئي ويندي، ”هي فيصلو اسان جي سفارتي عملي جي حفاظت ۽ وسيلن جي مؤثر انتظام لاءِ عزم کي ظاهر ڪري ٿو۔“ آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب پشاور ۾ قونصل خانو نه هئڻ باوجود پاڪستان بابت آمريڪي انتظاميا جون پاليسي ترجيحون برقرار رهنديون۔ بيان موجب ”اسان خيبر پختونخوا جي عوام ۽ اختيارين سان بامعنيٰ رابطا جاري رکندا سين ته جيئن اقتصادي لاڳاپن کي وڌايو وڃي، علائقائي سلامتي کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ آمريڪي عوام جي مفادن کي اڳتي وڌايو وڃي۔“ بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتو اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ موجود پنهنجن سفارتي آفيسن ذريعي آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم رهندو۔
عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون گهٽجي ويون
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل جهازن کي ڪڍڻ لاءِ پروجيڪٽ فريڊم کي عارضي طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون گهٽجي ويون.رپورٽ موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 108 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي.ان کان علاوه، يو اي اي مربن خام تيل 106 ڊالر، ڊبليو ٽي آءِ 100.6 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
آمريڪي صدر جي چين جي دوري کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير بيجنگ پهچي ويو
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چين جي دوري تي بيجنگ پهچي ويو آهي.رپورٽ موجب، ايراني پرڏيهي وزير دوري دوران چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال، علائقائي ۽ بين الاقوامي ترقي ۽ ٻه طرفي لاڳاپن تي بحث ڪيو ويندو.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي صدر ٽرمپ جي چين جي دوري کان هڪ هفتو اڳ چين پهچي چڪو آهي.
آبنائي هرمز ۾ ڪارگو جهاز هڪ پروجيڪٽائيل سان ٽڪرائجي ويو
برطانوي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز ايجنسي جي مطابق، هرمز جي آبنائي ۾ هڪ ڪارگو جهاز هڪ پروجيڪٽائيل سان ٽڪرائجي ويو آهي.برطانوي ميري ٽائيم ايجنسي يو ڪي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز جي مطابق، هرمز جي آبنائي ۾ هڪ واقعو رپورٽ ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ ڪارگو جهاز هڪ نامعلوم پروجيڪٽائيل سان ٽڪرائجي ويو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڀني جهازن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڪنهن به شڪي سرگرمي جي فوري طور تي رپورٽ ڪن.
مسلمان صرف الله تعاليٰ جي آڏو سر جهڪائين ٿا، الله کانسواءِ ڪو به اسان کي شڪست يا مجبور نٿو ڪري سگهي: ايراني صدر
ايران جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي آمريڪي مطالبي جي حوالي سان، ايراني صدر مسعود پيشڪشيان چيو آهي ته اسان مسلمان صرف الله تعاليٰ جي آڏو سر جهڪائين ٿا، الله کانسواءِ ڪو به اسان کي شڪست يا مجبور نٿو ڪري سگهي.ايراني صدر، ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته هن عراقي وزيراعظم کي چيو ته آمريڪا کي طاقت جي استعمال جي ڌمڪين کي واپس وٺڻ جي صلاح ڏئي.ايراني صدر مسعود پيشڪشيان چيو آهي ته اخلاقيات کان سواءِ طاقت خالي آهي، اڄ جي دنيا ۾ انتشار، ظلم، ناانصافي ۽ لاقانونيت آهي، جيڪا سياست کي طاقت تائين محدود ڪرڻ جو نتيجو آهي.ايراني صدر وڌيڪ چيو ته ايران پاڻ کي هڪ اخلاقي ۽ ذميوار طاقت طور پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايران جا مخالف بي لگام ۽ غير ذميوار طاقت جي علامت بڻيل آهن.
آبنائي هرمز ۾ جاري تڪرار ۾ 10 شهري ملاح مارجي ويا: آمريڪي پرڏيهي وزير
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته آبنائي هرمز ۾ جاري تڪرار ۾ 10 شهري ملاح مارجي ويا.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اهي ڊرون ۽ ٻيڙين کي نشانو بڻائڻ جاري رکندا جيڪي آمريڪي فوجن لاءِ خطرو بڻجن ٿا.هن چيو ته آمريڪا آبنائي هرمز ۾ تجارتي جهازن جي سيڪيورٽي کي وڌائڻ لاءِ تعینات ڪري رهيو آهي. ايران کي حقيقت کي قبول ڪندي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي. جيرڊ ڪشنر ۽ وٽڪوف ڳالهين تي ڪم ڪري رهيا آهن.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته صدر ٽرمپ چاهي ٿو ته ايراني عوام حڪومت خلاف وڙهڻ جي صلاحيت رکي. آپريشن ايپڪ فيوري مڪمل ٿي چڪو آهي. آپريشن ايپڪ فيوري جا مقصد حاصل ڪيا ويا آهن.










