آبادگارن جا قرض معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

آبادگارن جا قرض معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثر آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، آبادگارن کان قرضن جي وصولي معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ئي ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو شرجيل ميمڻ چيو ته درياهه ۾ لاٿ جاري آهي ۽ مختلف ٻوڏ متاثر علائقن مان به پاڻي لهڻ بعد ماڻهن جي گهرن ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آهي، نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽيون سومر کان ڪم شروع ڪنديون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو