آبادگارن جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج

آبادگارن جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه ملڪاڻي جي شاخن جي پوڇڙين ۾ زرعي ۽ پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار ۽ هاري پورهيت واپاري شهري نٽهڻ اس ۾ روڊن تي نڪري آيا ملڪاڻي شريف شهر ۾ شٽربند هڙتال شاهي بازار سميت ڪاروبار مرڪز بند ٿي ويا تفصيل موجب سنڌ آبادگار تنظيم جي سڏ تي آبپاشي کاتي جي سب ڊويزن خيرپور گمبو ملڪاڻي جي پوڇڙ ۾ زرعي ۽ پئيڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ خلاف شٽر بند ھڙتال ۽ احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جي سڏ تي ملڪاڻي شھر ۾ مڪمل ھڙ تال رھي شاھي بازار سميت سمورا واپاري مرڪز مڪمل طور بـند رھيا آباد گاراڳواڻ پير فياض شاھ راشدي طارق محمود آرائين لطف علي ملڪاڻي حاجي علي بخش ملڪاڻي محمد علي لسڪاڻي سليم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو باگو جھڏو روڊ تي سوين آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪر ڌرڻو ھنيو جنهن سبب بدين ٽنڊو باگو جھڏو روڊ بند ٿي ويو ۽ مسافر گاڏيون بيھي ويون ان موقع تي آباد گاراڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گنبوه ملڪاڻي جي شاخن جو پاڻي راشي ڪامورن منڊ جي بااثر ڀوتارن ۽ جاگيردارن کي وڪرو ڪري ڏئي ڇڏيو آهي اسان کي پاڻي جي کوٽ ۽ وارابندي جو سبب ڄاڻائي چانگ ريگيوليٽر وٽ پاڻي بند ڪري معاشي طور تباھ ڪري ڇڏيو آهي اسان جي علائقي جي ڳوٺن ۾ پئيڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي سڄو ڏينهن پئيڻ جي پاڻي لاء ڀٽڪي پاڻي جي تلاش ۾ رلڻ تي مجبور آهيون اسان جي هزارين ايڪڙ زرخيز زمين پوکجڻ نه ڪري بنجر بڻجي ويئي آهي چوپايو مال پئيڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري اڃ وگهي مري رهيو آهي آبادگارن وڌيڪ چيو ته اسان جي مسلسل پاڻي جي جدوجهد ۽ احتجاجن ۽ مظاهرن تي سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتو ڪو به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي ايڪسيئين نصير ڪئنال اشفاق ميمڻ ۽ ايس ڊي او خيرپور گنبوه ذوالفقار لاشاري اسان سان ڪوڙا واعدا ڪري ويا اهي به وفا نه ڪيا هاڻي اسان ڪنهن جي به ڪوڙن دلاسن تي پنهنجو احتجاج ختم نه ڪنداسين پنهنجي حصي جي پاڻي نه ملڻ تائين اسان جي مسلسل جدوجهد جاري رهندي ۽ سوين آبادگارن هارين مزدورن پورهيتن واپارين ۽ شهرين جو قافلو ڊي سي آفيس بدين اڳيان ڌرڻو هڻنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو