اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين ۾ واضح آهي ته پئسو خرچ ڪرڻ جو اختيار رڳو عوام جي نمائندن کي آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ ۾ افراتفري ۽ بي يقيني واري صورتحال آهي جيڪا افسوسناڪ آهي، سڄو معاشرو افواهن جي زد ۾ آهي، اها صورتحال افسوسناڪ آهي.هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پارليامينٽ سپريم آهي ۽ مون چيف جسٽس کي خط لکيو آهي جنهن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوچ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، مان پاڪستان جي چونڊيل ميمبرن جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان جي نگران جي حيثيت سان منهنجي ذميواري آهي ته ميمبرن جا جذبا سپريم ڪورٽ آڏو رکان،مون پارليامينٽ جي ميمبرن جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، لکي چڪو آهيان ته سپريم ڪورٽ حد کان ٻاهر ٿي وئي آهي، مون چيو آهي ته پارليامينٽ، حڪومت نه پر مالي معاملن جي اجازت ڏئي ٿي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اهو چوڻ درست ناهي ته اسٽيٽ بينڪ يا ڪنهن ٻئي اداري کي بلاڪر پيسا ڏنا وڃن. ادارا پنهنجي حدن مان نڪري ٻين جي حدن ۾ وڃن ته اهو درست ناهي. اسان سڀني کي آئين جي بالادستي ۽ ملڪي مفاد لاءِ سوچڻو پوندو ڇاڪاڻ ته آئين ۾ واضح آهي ته اختيار رڳو پارليامينٽ وٽ آهن.راجا پرويز اشرف چيو ته سياستدان پاڻ ويهي سياسي مسئلا حل ڪن، جڏهن به ڪو سياسي معاملو عدالت ۾ ويو ته عدالت جو احترام به گهٽجي ويندو آهي.عدالت صحيح چيو آهي ته سياسي مسئلو ويهڻ سان حل ٿيڻ گهرجي، سياسي معاملو سپريم ڪورٽ يا ڪنهن ٻي عدالت ۾ نه وڃڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ هميشه ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ جو احترام نه ڪيو ويو ته سڄو معاشرو تباهه ٿي ويندو، آئين ۾ واضح آهي ته پئسو خرچ ڪرڻ جو اختيار رڳو عوام جي نمائندن کي آهي.










