آئين شڪني ، اعلي عدالت ، تحمل پسندي

آئين شڪني ، اعلي عدالت ، تحمل پسندي

ليکڪ سيد زوار حسين شاه
پاڪستان ۾ آئين جي ڀڄڪڙي ٿي رهي آهي ، پر عرض ڪيان ته هن وقت نه پر ڪافي عرصي کان ٿي رهي آهي جنهن خلاف مان سمجهان ٿو ته ڪو خاطر خواه ايڪشن ناهي ٿي سگهيو جنهن کان پوء قانون آئين جي بار بار ڀڃڪڙي ٿي رهي هئي هن وقت به صورت حال عجيب غريب نظر اچي رهي آهي ، ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏيئي عدم اعتماد جي رٿ کي رد ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته سابق وزيراعظم پاڪستان صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي کي اسيمبلي ٽورڻ جي تجويز ڏني جنهن اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي جڏهن ته پنجاب جي صورت حال به خطرناڪ ٿي چڪي آهي ، هن وقت ملڪ اندر آئين جي انلي تي سياسي جنگ ته ٿي رهي آهي پر امن عرض ڪيان ته بس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ئي واحد ادارو آهي جنهن تي پاڪستاني 22 ڪروڙ عوام اميد رکي ٿو ته پاڪستان جي بقا سلامتي لاء سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جا جج صاحبان تاريخي فيصلو ڏيندا جنهن سان پاڪستان جون سياسي ڌريون تسليم ڪنديون ، جڏهن ته امن مان کي به بحال رکيو ويندو ، جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بهترين انداز سان پنهنجو ڪردار ڪري رهي آهي ، چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته ظاهري طور بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي پر ووٽنگ واري ڏينهن رولنگ اچي وئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ اسپيڪر رولنگ تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته سياسي طور تي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، عدالت تي الزام هنيو پيو وڃي ته فيصلو نٿي ڪري سگهي، هڪ طرفو فيصلو ڪيئن ٿا ڏئي سگهون؟ چيف جسٽس چيو نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل اجلاس جا منٽس ڪٿي آهن؟ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ۾ ظاهري طور الزام آهن ڪا فائنڊنگ ناهي، ڇا اسپيڪر حقيقتون سامهون آڻڻ بنا اهڙي رولنگ ڏئي سگهي ٿو؟ اهو آئيني نقطو آهي، جنهن تي عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي، ڇا اسپيڪر آرٽيڪل 95 کان ٻاهر وڃي اهڙي رولنگ ڏئي سگهي ٿو، جيڪا ايجنڊا تي ناهي. پنجاب اسيمبلي جو معاملو آخر ۾ ڏسنداسين. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اڄ ڪيس کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي يقين ڏياريو هو. اسان کي سڀني کي ٻڌي فيصلو ڪرڻو آهي. هڪطرفي ڪارروائي نٿا ڪري سگهون. اعظم نذير تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي جو معاملو به اسلام آباد جي معاملي جي ايڪسٽينشن آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پنجاب اسيمبلي جي صورتحال ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگھون، پنجاب اسيمبلي جو معاملو ننڍو ناهي جو مختصر حڪم ناما پاس ڪري ڇڏيون. اسان پهرين قومي اسيمبلي جي معاملي تي فيصو ڪرڻ چاهيون ٿا، قومي اسيمبلي ميمبرن هر طرح جي حالتن باوجود انتهائي سٺو رويو اختيار ڪيو، اڄ فيصلو ڪنداسين ته پنجاب اسيمبلي جو معاملو ٻڌون يا لاهور هاءِ ڪورٽ موڪلي ڇڏيون. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کان پڇنداسين ته ڪهڙي قانون جي تحت اجلاس ملتوي ڪيو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته سموريون سياسي پارٽيون عدالت جي سامهون ڌر آهن. ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڌر نه آهن. بلوچستان عوامي پارٽي، پي ٽي ايم ۽ جماعت اسلامي به ڌر نه آهي. راهه حق پارٽي جي به پارليامينٽ ۾ نمائندگي آهي پر هو عدالت جي سامهون ڌر ناهي. پاڻمرادو نوٽيس جي هميشه حمايت ڪئي. ٿورو ادا ڪريان ٿو ته اوهان پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ قوم سان مهرباني ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس بابر اعواڻ جي دليلن تي ريمارڪس ڏنا ته ڇا اسپيڪر کي اختيار آهي ته هو ايجنڊا کان هٿ کڻي رولنگ ڏيئي، ڇا اسپيڪر بي اعتمادي رٿ جي آئيني شق کي ٽوڙڻ جو اختيار آهي، ڇا اسپيڪر آئيني تقاضن کي هڪ طرف رکي سگهي ٿو. چيف جسٽس اهو به چيو ته هو افواهن ۽ الزامن طرف نه ويندا. چيف جسٽس بابر اعواڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي ڊگهيون ڪهاڻيون نه ٻڌايو رستا اسان پاڻ ڳولينداسين، اهو ٻڌايو ته اسپيڪر ڪهڙي بنياد تي رولنگ ڏني. چيف جسٽس بابر اعواڻ کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن آئيني طريقو آهي جنهن کي بلڪل سائيڊ لائن ڪيو وڃي، ڇا ائين ٿي سگهي ٿو، توهان کي اهو به ٻڌائڻو آهي. ٻڌڻي دوران بئرسٽر علي ظفر دليلن ۾ چيو ته هن ڪيس ۾ اسپيڪر کي به پارٽي بڻايو ويو. عدالت طرفان ڪابه ڊائريڪشن اختيارن کان مٿانهين ناهي هوندي. ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ پارليامينٽ ۾ مداخلت آهي. اسپيڪر کي ڏنل هدايتون اصل ۾ پارليامينٽ کي هدايتون ڏيڻ هوندو جيڪو غير آئيني آهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته ڪابينا پرڏيهي وزارت جي بريفنگ تي ڪهڙو فيصلو ڪيو؟ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جن تي الزام لڳايو ويو، انهن خلاف ڪهڙو ايڪشن ورتو ويو، بابر اعواڻ جواب ڏنو ته حڪومت انهن خلاف ڪو ايڪشن نه ورتو، وزيراعظم ۽ ڪابينا احتياط کان ڪم ورتو. جسٽس جمال مندوخيل چيو جيڪڏهن عمران خان ڪميشن ٺاهڻ چاهي ٿو ته مطلب ان کي خبر ناهي ڪير ملوث آهي؟ بابر اعواڻ جواب ڏنو ته وزيراعظم کي علم آهي، هو ملڪي مفادن خاطر نٿو ڳالهائڻ چاهي، وزيراعظم جاچ ڪندڙ ناهي، تنهن ڪري لاڳاپيل ماڻهن کي اهو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃ. چيف جسٽس پڇيو ته ڇا بي اعتمادي جي ووٽنگ بنا به اڪلائي سگهجي ٿو؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بي اعتمادي کي پيش ڪرڻ جي منظوري کان اڳ اڪلائي سگهجي ٿو. چيف جسٽس پڇيو پارليامينٽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري پوءِ به مداخلت نٿي ٿي سگهي؟ علي ظفر جواب ڏنو ته اسپيڪر جي رولنگ جو جائزو وٺڻ جو اختيار ناهي. جسٽس جمال خان سوال ڪيو ته اسپيڪر جي رولنگ کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگهجي؟ وڪيل علي ظفر جواب ڏنو ته اسپيڪر جي رولنگ کي هائوس ختم ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس چيو اسان پارليامينٽ جي تقدس جو احترام ڪيون ٿا، هي ڪيس آرٽيڪل 95 جي آئيني ڀڃڪڙي جو آهي، جتي آئيني ڀڃڪڙي ٿئي اتي سپريم ڪورٽ مداخلت ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا پارليامينٽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ڇا تڏهن به مداخلت نٿي ٿي سگهي؟ بئرسٽر علي ظفر چيو ته ڇا غير آئيني آهي ۽ ڇا نه ان تي بعد ۾ دليل ڏيندس. جسٽس مقبول باقر ريٽائرمينٽ تي ادارن ۾ توازن جي ڳالهه ڪئي هئي. گڏيل احترام سان ئي ادارن ۾ توازن پيدا ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس چيو ته ڪوشش آهي ته روزاني جا ڪم متاثر نه ٿين. ڪوشش ڪريون ٿا ته اڄ ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي شروع ڪريون، ڪيس ٻڌڻ لاءِ اڄ صبح کان ٻڌڻي شروع ڪنداسين.، مان عرض ڪيان ته هن وقت جيڪڏهن صبر تحمل مان ڪم نه ورتو ويو ته پوء گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو ، جهڙي ريت سياسي ٽڪراء ٿيڻ پيو وڃي ان سان پاڪستان اندر صدارتي نطام به لاڳو ٿي سگهي ٿو ، جيڪڏهن سياستدانن پاڪستان جي بقا سلامتي خاطر پنهنجي انا کي ختم نه ڪيو ته مان سمجهان ٿو ته پوء ملڪ اندر دمادم مست قلندر جو نعرو لڳي سگهي ٿو ، ان ڪري سياستدانن کي هاڻ پوئتي هٽڻو پوندو ، جيڪڏهن ملڪ اندر اليڪشن ٿي ته جنهن کي اڪثريت ملندي اهو ئي ملڪ جون واڳون سنڀالي سگهي ٿو ، پر جيڪڏهن شڪست کائيندر وري اهو چئي اليڪسن جي رزلٽ کي رد ڪيو ته پوء وري ساڳئي صورت هال پيدا ٿيندي ، ان ڪري مان عرض ڪيان ته سڀ کان پهريان پاڪستان پوء ٻيو ڪجهه ، جيڪڏهن سياستدانن پنهنجو ڪڌو رويئو تبديل نه ڪيو ته پوء مان جيڪو سوچي رهيو آهيان ته ملڪ اندر صدارتي نطام لاڳو ٿيندو جنهن سان غريبن کي ته فائدو پهچندو پر اهي جن مٿان ملڪ جي ميعشت کي تباهه ڪرڻ ڪرپشن جا الزام عائد آهن ، انهن جي وٺ پڪڙ به ٿيندي ته حساب ڪتاب به ٿيندو ، جڏهن ته عوام انهن تمام الزامن جيڪي سابق وزيراعظم پاڪستان عمران خان اپوزيشن جي چونڊيل نمائيندن مٿان هنيا ته هي باهرين ملڪن جي سفيرن سان ملي پاڪستان جي حڪومت سميت ڪپتان خلاف عدم اعتماد تحريڪ ڪامياب ڪرڻ لاء ڪروڙين روپيا ورتا آهن سچ يا ڪوڙ ان خلاف عوام مطالبو ڪري ٿو ته اهڙن الزامن جي لاء جڊيشنل انڪوائري ٽيم جوڙي وڃي جيئن ملڪ خلاف سازش ڪندڙن کي وائکو ڪري سگهجي ۽ بيهر ڪا به اهڙي غلطي نه ڪري سگهي جڏهن ته عدالت اعلي جا قابل احترام جج صاحبان هر پهلو کي مدي نظر رکندي تاريخي فيصلو ڏيندا جنهن کي هي پاڪستاني قوم صديون ياد رکندي ، بس صبر تحمل مان ڪم وٺڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو