اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته انصاف جو نظام قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن ۽ ڏوهاري اشرافيه تي ڌيان ڏئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته آئين جي حڪمراني قومي ترقي جي ايجنڊا جو بنيادي نقطو آهي، تحريڪ انصاف عدل ۽ انصاف جي قيام لاءِ سياسي ميدان ۾ سرگرم آهي. عمران خان چيو ته مافيائن ادارن کي تباهه ڪيو ۽ لاقانونيت کي فروغ ڏنو ته جيئن پنهنجو راڄ برقرار رهي، انصاف جو نظام قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن ۽ ڏوهاري اشرافيه تي ڌيان ڏيڻ جو وقت آهي.










