آءِ جي سنڌ کي فوج سان گڏيل آپريشن لاءِ پلان تيار ڪرڻ جو حڪم

آءِ جي سنڌ کي فوج سان گڏيل آپريشن لاءِ پلان تيار ڪرڻ جو حڪم

سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ بدامني ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي هدايت ڪئي آهي ته ڏوهارين خلاف وقتائتي آپريشن ۽ فوج سان گڏيل آپريشن بابت پلان تيار ڪري رپورٽ سڀاڻي تائين پيش ڪئي وڃي. سنڌ هاءِڪورٽ سکر بينچ ۾ بدامني ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڏوهارين فوج سان گڏيل آپريشن ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ پوليس کي ملٽري گريڊ جا هٿيار ڇو نٿا ڏنا وڃن؟ آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير هٿيارن جي خريداري بابت خاطري ڪرائي آهي. عدالت آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته فوج سان گڏيل آپريشن بابت پلان تيار ڪرڻ بعد سڀاڻي تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو